ايس. ايم قريشي

ايس. ايم قريشي

ايس ايم قريشي

ايس. ايم قريشي: نامور تعليمي ماهر ايس. ايم قريشيءَ جو مڪمل نالو ڊاڪٽر شمس الدين ولد محمد بخش قريشي آهي. هن 3 مئي 1936ع تي سيوهڻ ويجهو بوبڪ شھر، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. 1959ع ۾ ڪراچيءَ جي (N.E.D) انجنيئرنگ ڪاليج مان (B.E) سول ڪرڻ بعد 1965ع ۾ ٿائلينڊ جي سيٽو گريجوئيٽ اسڪول آف انجنيئرنگ مان اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪيائين. 1971ع ڌاري برطانيا جي شيفلڊ يونيورسٽيءَ مان اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي شعبي سان وابسته ڪيترن ئي ادارن ۾ سپروائيزر، ڊزائين انجنيئر، اسٽرڪچرل ڪنسلٽنٽ ۽ پروفيسر طور فرض نڀايا. اپريل 1971ع کان مارچ 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج، ڄامشوري ۾ پروفيسر رهيو. مارچ 1974ع کان جولاءِ 1976ع تائين سائنس فائونڊيشن'>پاڪستان سائنس فائونڊيشن اسلام آباد جو ميمبر رهيو، جولاءِ 1976ع کان مارچ 1977ع تائين سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڪئمپس ڄامشوري/نواب شاهه جو پرو وائيس چانسلر رهيو. مارچ 1977ع کان آڪٽوبر 1987ع تائين ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشوري جي پھرئين وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هو آڪٽوبر 1987ع کان اپريل 1990ع تائين تعليم جي وزارت جو سيڪريٽري رهڻ کان سواءِ اضافي چارج طور مھراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو. اپريل 1990ع کان نومبر 1993ع تائين پاڪستان، يوٿ افيئرس ڊويزن اسلام آباد جو سيڪريٽري ٿيو، نومبر 1992ع کان جنوري 1994ع تائين هائوسنگ ائنڊ ورڪس (اسلام آباد) وزارت جو سيڪريٽري رهيو. پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪائونسل جو چيئرمئن رهڻ سان گڏ مختلف کاتن جو سيڪريٽريءَ به رهيو. ڪيترن ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن/تنظيمن جو ميمبر رهيو. ايس. ايم قريشيءَ ملڪي توڙي غير ملڪي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ پنھنجي شعبي متعلق ڪيترائي ريسرچ آرٽيڪل لکي شايع پڻ ڪرايا. 17 فيبروري 2019ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. وصيت موجب سندس تدفين مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.05.03  عيسوي

نامور تعليمي ماهر ايس. ايم قريشيءَ جو مڪمل نالو ڊاڪٽر شمس الدين ولد محمد بخش قريشي آهي. هن 3 مئي 1936ع تي سيوهڻ ويجهو بوبڪ شھر، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.


2019.02.17  عيسوي

ايس. ايم قريشيءَ 17 فيبروري 2019ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. وصيت موجب سندس تدفين مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪئي وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين خان ٺوڙهو
توخته بيگ
حشمتراءِ ڇٻلاڻي
سيد سردار علي شاهه
در محمد خان مري
حنيف رامي
راهوحاجي الهداد خان
پرويز احمد کوکر
صالح ملا
ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون